جيلاني پير عالي شاهه

جيلاني پير عالي شاهه: پير عالي شاهه، بدين ۽ لاڙ پٽ جي هڪ سماجي ۽ سياسي شخصيت هو. هن 12 اپريل 1916ع تي بدين ۾ جنم ورتو. سندس والد پير ڀاون علي شاهه ساقي، ’شاهه قادري درگاهه، بدين‘ جو سجاده نشين هو. هن بزرگ جا وڏا اصل ڀڄ (ڪڇ) جا رهندڙ هئا. راءُ (راجا) ۽ ڪڇ جي ٻين ماڻهن جي هن درگاهه سان گهڻي عقيدت رهي آهي. پير عالي شاهه جو والد گذاري ويو ته ان وقت پير صاحب جي عمر ٻه سال هئي. هن گادي ۽ ملڪيت جي سنڀال مريدن ۽ معززن جي هڪ بورڊ ڪئي. جڏهن پير عالي شاهه گادي سنڀالڻ جي لائق ٿيو ته کيس گادي نشيني حوالي ڪئي وئي. پير عالي شاهه 1931ع ۾ دوستن (ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجي) ۽ مريدن سان گڏ گڏيل هندستان جي ڪيترن شهرن (دهلي، ڪلڪتي ۽ اجمير شريف وغيره) ويو. 1935ع کان مقامي سياست ۾ حصو ورتائين. 1946ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. پير صاحب خانگي طور سنڌي، اردو ۽ انگريزي پڙهيو. 1946ع ۾ مسلم ليگ ۾ به شامل ٿيو.
کيس ڪتابن جي مطالعي جو شوق هوندو هو، سندس لائبريريءَ ۾ ادب، تاريخ ۽ مذهب بابت وڏي تعداد ۾ ڪتاب موجود هئا. پنهنجي آتم ڪهاڻي ”منهنجي ماضيءَ جا چند ورق“ لکيائين، جيڪا 1975ع ۾ شايع ٿي. پير صاحب پهرين ڊسمبر 1973ع تي وفات ڪئي، کيس اباڻي قبرستان شاهه قادري تعلقي بدين ۾ مدفون ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو